چِٺيون چندن واس

چِٺيون چندن واس

چِٺيون چندن واس

چِٺيون چندن واس: هيءُ ڪتاب مشهور صحافي، ڪي. ٽي. اين جي ضلعي نوابشاهه جي خصوصي نمائندي، علي محمد شاهه لڪياريءَ جي تصنيف آهي، جنهن ۾ ليکڪ سينٽرل جيل ۽ نارا جيل حيدرآباد ۾ ضياء الحق جي مارشل لا جي سزا ڪاٽڻ وقت 18 فبروري 1980ع کان 14 ڊسمبر 1980ع تائين پنهنجي سياسي رفيقن، قومي ڪارڪنن ۽ دوستن: عبدالواحد آريسر، حافظ محمد بخش خاصخيلي، عبدالصمد ڪانڌڙي، راشد مورائي، تاج جويي، مٺل حيدري، حفيظ قريشي (جونيئر)، ناز لطيفي، غلام نبي سومري، شهيد غلام رسول مستاني، رسول بخش ٿيٻي، محمد عامر سيال، سليمان جتوئي، ولڻ ملاح، محمد خان ابڙي ۽ ٻين ڏانهن لکيل خط شامل آهن. ڪتاب ۾ گرفتاري ۽ جيل اندر ٿيندڙ تشدد بابت علي محمد لڪياريءَ جو ستن صفحن تي لکيل داستان ”زبانن تي تالا“ عنوان سان ڏنل آهي. ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب 134 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو سپ پبليڪيشن، نوابشاهه اپريل 2011ع ۾ ڇپيو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 200 رپيا رکي وئي آهي.


لفظ چِٺيون چندن واسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو